سنڌ جي هي عظيم عورت ڀونگر جي ڌيء ۽ دودي جي سڳي ڀيڻ هئي ۔هوء چنيسر ۽ دودي کان وڏي هئي سندس پرورش ۽ پالنا وقت جي گادي واري هنڌ ''وڳھ ڪوٽ'' ۾ ٿي

ٻاڳهل ٻائي سگهڙ ،سياڻي ،سچار،سيبتي،باهمت ۽ غيرت مند سنڌي نياڻي هئي۔هو سياسي سوچ رکندڙ قومي معاملن جي پرک رکندڙ ۽ راڄ ڀاڳ جي فيصلن جي اهميت ڄاڻيندڙ عورت هئي کيس سنڌ جي ڌرتي سان اٿاھ پيار هو ۽ هو قومي معاملن ۾ ٻنهي ڀائرن کي سمجهاڻيون ڏيندي رهندي هئي۔

ان مان اها خبر پوي ٿي ته سومرن جي دور ۾ عورت جي سماجي حيثيت ڪيتري نه مٿانهين هئي ان سلسلي ۾ اها ڳالھ به ڏاڍي اهم آهي ته هندستان جا تاريخدان "رضيا سلطانا" کي پهرين مسلمان حڪمران عورت مڃن ٿا پر ان کان ڏيڍ صدي اڳ تارا ٻائي ۽ همون ٻائي پهريون سنڌي مسلمان عورتون هيون جن مردانگي سان حڪومت هلائي۔

جڏهن راڄ فيصلو ڪري ٻاڳهل ٻائي کي پڳ موڪلي ته هو تارا ٻائي ۽ همون ٻائي وانگر حڪومت هلائي؟ تڏهن هن جواب ڏياري موڪليو ته ڀائرن جي هوندي ڀينرون پڳ نه پائينديون آهن۔

هن وڌيڪ دور انديشي کان ڪم وٺندي پڳ چنيسر جي حوالي ڪئي پر جڏهن راڄ دودي کي پڳ ٻڌائي ته چنيسر ڪاوڙ مان ڀيڻ وٺ آيو ۽ دودي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ سنڌ تي ٻاهريون لشڪر وٺي اچي پنهنجي بي عزتي جو پلاند وٺڻ لاء ڌڙڪا ڏيڻ لڳو تڏهن ٻاگهل ٻائي کيس جرئتمندي سان جواب ڏنو تنهن مان سندس قومي وفا سياسي معاملن جي ڄاڻ ۽ ساڻيھ جي سڪ نمايان ٿئي ٿي

هوء کيس چوي ٿي ته ادا منهنجا ڀاء "هي پڳ نه چنيسر جي آهي نه وري دودي جي هي پڳ راڄ جي آهي راڄ جنهن کي پڳ ٻڌرائي سو ئي پڳ جو مالڪ آهي" باقي سنڌ تي ٻاهريون ڪاهرائي اچين سو صحيح نه آهي سنڌ اسانجي ماء آهي ۽ اسان لاء ماء جي ٿڃ مهراڻ جي لڙاٽيل پاڻي برابر آهي اسان سڀني هن ڌرتي جي ٿڃ پيتي آهي اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون جي تون امڙ جو مندو ٿيندين ته ياد رک ڀينرن جا هٿ جيڪي هميشا ڀائرن واسطي دعائن لاء کڄندا آهن اهي توکي رت ۾ ڳاڙهو ڪرڻ لاء تلوار به کڻي سگهن ٿا 

چنيسر اها ڳالھ بڌي ناراض ٿي دهلي هليو ويو ۽ ڀيڻ کان هنن لفظن جو بدلو وٺڻ لاء دشمن کي ٻاگهل جو سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي ،بهرحال جڏهن جنگ ۾ دودو ،ننگر ابڙو ۽ ٻيا سوڍا مارجي ويا تڏهن چنيسر ٻاگهل کي چوائي موڪليو ته اسان تنهنجو سنڱ علاو الدين بادشاه کي ڏيڻو ڪيو آهي اميد ته تون انڪار نه ڪندين ،ٻاگهل ٻائي اهو ٻڌو ته باھ ٿي وئي ۽ کيس جواب موڪليائين ته

اسان ڪنهن ٻئي ملڪ يا ٻئي ذات واري سان ڪڏهن به مائٽي نه ڪندا آهيون ،علاو الدين جيئن ته اسانجي ملڪ قوم ۽ ٻولي جي لحاظ کان هر حالت ۾ ڌاريو ۽ اوپرو آهي ان ڪري آء پنهنجو ست وڪڻي پنهنجي ملڪ ۽ قوم تي اهو ڪارنهن جو ٽڪو هرگز نه لاهيندس آء اهڙي بيعزتي ۽ بيغيرتي واري سهاڳ کان سڃي ملڪ ۽ قوم جي موت کي بهتر ٿي سمجهان ،جڏهن سڀئي جوڌا جوان ۽ سنگهار سوڍا ان سوال تي سر ڏيئي سرخرو ٿيا آهن تڏهن آء "ها" ڪري شهيدن جي خون کي چکيا تي چاڙهڻ نه ٿي چاهيان،ٻاگهل اهو جواب ڏئي قومي وقار کي بحال رکيو ۽ اهو سندس دليري بهادري ۽ مردانگي جو ثبوت آهي

ان کانپوء هن بلند حوصلي جو مظاهرو ڪندي سڄي شهر ۾ هيرن جواهرن جا جنڊ ڏرايا ۽ ٻي ساري ملڪيت ساڙي چڏي ته جيئن دشمن کي پنهنجن وسيلن ۽ مال ملڪيت منجهان فائدو نه ٿي سگهي ان مان نمايان ٿئي ٿو ته ٻاگهل ٻائي جنگي حڪمت عملي جي سڀني معاملن مان واقف هئي۔

هو ايڏي ته بهادر ۽ دلير هئي جو جڏهن کيس پتو پوي ٿو ته سڀ مرد سومرا ديس تان سر قربان ڪري شهيد ٿي چڪا آهن تڏهن هو سست ٿي بي همٿ ٿي حوصلو هاري نه ٿي ويهي پر ڪمال بهادري ۽ دانشمندي جو ثبوت ڏيندي مردانا ڪپڙا پهري سڀني گهر ڌياڻين راڻين شهزادين ۽ ٻانهن کي ساڻ ڪري ابڙي جي گهر وڃي ٿي جڏهن ابڙو به شهيد ٿي ويو تڏهن ٻاگهل ٻائي راتو رات وڳھ ڪوٽ ڏانهن  موٽي آئي ۔علاءو الدين جو لشڪر به سندس جي پٺيان پيو ۽ سوچيائون ته هاڻي سومرا مرد آهن ئي ڪون ۽ ٻاگهل ٻائي اسان ٿا هٿ ڪيون اهو لشڪر ڪوٽ باهران اچي ويٺو

جنگ جي هن فيصلي ڪن موڙ تي هن عظيم عورت جنگي حڪمت عملي جو اعلي مظاهرو ڪندي سڀني عورتن کي مردانا ڪپڙا پهرائي راتو رات ڪوٽ جي ٻانهين ڀڃرائي پرھ ڦٽي جو اتان جنگي جوڌن جي قطار ڪرائي علاءو الدين اڳيان لنگهيائين ۽ ائين ڦيرن تي ڦيرا ڏنائون جو لشڪر کٽي ئي ڪين ،اهو لقاء ڏسي علاو الدين کيس چوائي موڪليو ته "تون منهنجي قيامت تائين ڀيڻ آهين" ۽ اقرار نامو لکيو ته سنڌ سومرن جي آهي مون جنگ ڇڏي

اھڙي ريت سنڌ جي هن سڄاڻ عظيم عورت جي بلند حوصلي ۽ بهادري سبب سنڌ ڌارين جي راڄ کان بچي وئي ۽ ڇيڙي نبيري پنهنجن جي ئي هٿ ھيٺ رهي۔

                          (مرتب علي حسن چانڊيو)